ٽيلي ميٽري

ٽيلي ميٽري (Telemetery ): ٽيلي ميٽري ڪميونيڪيشن ، رابطي جو هڪ خودڪار عمل آهي. هن ۾ پري پري يا پهچ کان ٻاهر هنڌن تي موجود اوزارن سان انگ اکر وٺي، ان کي ماپ، مانيٽرنگ، نمائش يا رڪارڊنگ جي لاءِ لاڳاپيل اوزارن تائين پهچايو وڃي ٿو. اهو رابطو تار جي ذريعي به ٿئي ٿو، پر گهڻو ڪري ريڊيائي لهرون استعمال ٿين ٿيون. هي طريقو گهڻو ڪري آئل پائيپ لائين جي نگراني، بحري مطالعي ۽ موسمياتي مشاهدن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن طريقي جي شروعات 1960ع واري ڏهاڪي ۾ مصنوعي سيارن تان ايندڙ معلومات کي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن سان ٿي ۽ تڏهن کان هن جي ڪارڪردگي ۽ لاڳو ٿيندڙ دائري ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. ان جو صنعتي استعمال ڪيترن ئي هنڌن تي ٿئي ٿو. مثال طور، ڪم دوران اندران تمام گهڻين گرم مشينن ۽ اسٽيم ٽربائن جي فعال حصن جي ڪارڪردگيءَ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ئي طريقو استعمال ڪيو وڃي ٿو. بنا پائليٽ جي جهاز اڏائڻ ۾ پڻ هن ٽيڪنالاجي جو وڏو هٿ آهي. انتهائي تابڪار ماحول ۾ مختلف ڪمن جي سرانجام ڏيڻ جو گهڻو تڻو ڪم هن نظام وسيلي ٿئي ٿو.


لفظ ٽيلي ميٽريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو